سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي

سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافي (ڪتاب): سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافيائي حدن بابت هي تحقيقي ڪتاب مشهور اسڪالر ڊاڪٽر غلام علي الانا جو لکيل آهي. جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ ۽ ان جي لهجن، ڪڇ ۾ سنڌي ٻوليءَ جي پهچ ۽ پکيڙ، ڪڇ ۽ سنڌ جي سياسي سماجي ناتن، ڪڇي لهجي، جهوناڳڙهه، راجسٿان، ڪاٺياواڙ، گجرات، بلوچستان ۽ مڪران ۾ سنڌي ٻوليءَ، سنڌي ۽ سرائيڪيءَ جي سنٻنڌ، سرائيڪي زبان جي بڻ بنياد ۽ سرائيڪي خطي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي ڦهلاءَ وغيره تي تحقيقي مضمون شامل ڪيا آهن.
هن ڪتاب جو پهريون ڇاپو انسٽيٽيوٽ آف سنڌالاجي ڄامشوري 1979ع ۾ ڇپايو، 1983ع ۾ ان جو ٻيو ۽ 1995ع ۾ ان جو ٽيون ڇاپو شايع ٿيو.
205 صفحن تي مشتمل ٽيون ڇاپو، واڌارن ۽ سڌارن سان ڇپيو آهي، جنهن جي قيمت 150 روپيا ڄاڻايل آهي.


لفظ سنڌي ٻوليءَ جي لساني جاگرافيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو